اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ماحول کي آلوده ڪندڙ عنصر خارج ڪرڻ ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيندي منصو??ي تي عملدرآمد ۾ اسپارڪو کان سيٽلائيٽ جي ??ريعي به مدد ورتي وڃي. هو موسمياتي تبديلين بابت ڪميٽي جي ??جلاس جي ??دارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي ??اص معاون امين اسلم، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جي ??اص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گرين هائوس گيسز جي ??ازي صورتحال ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي ??خراج جي ??ضافي جي ??رح معمول جي ??ئي ڪيل هيٺين سطح کان 9 سيڪڙو ??هٽ آهي، جڏهن ته اها شرح قومي سطح تي مقرر ڪيل هدفن کان به هيٺ آهي. اها ماحول دوست تبديلي خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي جي ڪامياب منصوبي ۽ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي ??ونامي پروگرام جي ڪري حاصل ٿي آهي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلين واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ٻڌايو ته وڻ وڍڻ جي ??رح ۾ ??ما??ان طور تي گهٽتائي آئي آهي، 2012ع کان 2016ع جي ??وران اها گهٽتائي ساليانو 12 هزار هيڪٽرز کان ??هٽ ٿي 8 هزار هيڪٽرز تي اچي وئي آهي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي سان ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي ??خراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به ??هٽ آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ موسمياتي تبديلين بابت ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات