اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي واضح هدايتن تي سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي پاڪستان سٽيزن پورٽل، ڪامياب جوان پروگرام جهڙن قدمن ذريعي معاشري جي هر طبقي کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، عوامي خدمت جي انهن قدمن سان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا ختم ٿي ويا آهن، شهري گهر ويٺي پنهنجون ??ڪا??تون داخل ڪرائين ٿا، جيڪي وزيراعظم ??في?? مان لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃن ٿيون، ڪامياب جوان پروگرام ۽ سٽيزن پورٽل جهڙن عوامي خدمتن جا منصوبا ڪاميابي سان جاري آهن. هو وزيراعظم ??في?? ۾ پاڪستان سٽيزن پورٽل جي هيلپ لائين جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بٽڻ دٻائي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي هيلپ لائين 9000111 – 051 جو باقاعده افتتاح ڪيو. پاڪستان سٽيزن پورٽل جي عملدارن وزيراعظم کي هيستائين پورٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهن جي انگ، ??ڪا??تن ۽ ازالي بابت معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن ان پورٽل ذريعي پنهنجون ??ڪا??تون داخل ڪيون آهن، ان تي سٽيزن پورٽل جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خواهش آهي ته عوام پاران حڪومتي ادارن جي حوالي سان ??ڪا??تن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو معاشي سببن يا مختلف رڪاوٽن جي ڪري ادارن ۾ وڃي ??ڪا??تون داخل نه ٿا ڪرائي سگهن، انهن جي لاءِ هي بهترين فورم آهي ته گهر ويٺي ??ڪا??تون ڪري سگهجن.
اطلاعات واري وزير شبلي فراز پاران پاڪستان سٽيزن پورٽل هيلپ لائين جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج