اسلام آباد – 07 جون (اي پ?? پي) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابندي??ن فوري طور تي هٽائڻ ۽ ڪڻڪ جي درآمد جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪڻڪ جي اها درآمد نجي شعبي ذريعي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي درآمد تي لاڳو ڊيوٽي پڻ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڏي پ??ماني تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. اهي فيصلا وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پ??رو ڪرڻ ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابندي??ن فوري طور تي هٽايون وينديون ۽ چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وينديون.
وزيراعظم جي صدارت ۾ اٽي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر