اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ??هي ته پاڪستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي دوا ٺهڻ شروع ٿي ويندي، ان قدم سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن ۽ هيلٿ و??ڪر?? کي ڪوويڊ 19 جي وبا کي منهن ڏي?? جي لاءِ جديد بنيادن تي سهولت ملي ويندي، آمريڪن ڪمپني پاڪستاني ڪمپني ??ي ايف بائيو سائنسز کي ڪورونا وائرس جي دوا ٺاه?? جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دنيا ۾ ٻن ملڪن کي دوا ٺاه?? جي اجازت آهي، پاڪستان ان ۾ سرفهرست آهي، GILEAD ڏکڻ ايشيا جي 5 مينوفيڪچررز سان معاهدو ڪيو آهي، ا??و قدم پاڪستان جي صحت جي شعبي، معاشي ۽ سفارتڪاري جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا، واپار واري خاص معاون عبدالرزاق دائود، فارماسيوٽيڪل ڪمپني ??ي سربراهه عثمان خالد نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا.
پاڪستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي دوا ٺهڻ شروع ٿي ويندي: ڊاڪٽر ظفر مرزا
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil