اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين ڀارتي جنگي جنون کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ائٽمي طاقتون آهن، جنگ نه ٿي ٿي سگهي، ڀارتي آرمي چيف جو بيان نامناسب آهي، ڀارتي آرمي چيف کي سياسي هٿيار طو?? بيان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ هن چيو ته ڀارتي حڪمران پاران جنگي جنون کي رد ڪر??ون ٿا ڇو ته ڀارت ۾ هر ڪو ڄاڻي ٿو ته ڀارتي حڪومت پاران پاڪستان جي خلاف نفرت جي جنون جي حڪمت عملي اصل ۾ وزيراعظم مودي کي فرانسيسي جهاز ڪرپشن ڪيس کان بچائڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن