اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سي??يٽ?? پرويز رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ملڪ کي قائد جو پاڪستان بڻائيندي جتي مسلڪ، مذهب، لسانيت، علائقايت جي بنيادي تي فرق نه هجي، اسان س?? هڪ عقيدو ۽ ايمان رکندڙ پاڪستاني آهيون، خيبرپختونخوا جي پي ٽي آءِ جي حڪومت طرفان هڪ مدرسي کي 30 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي مخالفت تي عمران خان منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي. هو پنجاب هائوس ۾ شعيه علماءُ ڪائ??نس?? آزاد ڪشمير طرفان 21 جولاءِ تي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي حمايت جي اعلان جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص مددگار ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي، شيعه علماءُ ڪائ??نس?? پاڪستان جو اڳواڻ علامه زاهد نقوي، حافظ ڪفايت نقوي، مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ پير علي رضا بخاري، ڊپٽي ميئر اسلام آباد ميٽرو پوليٽن رفعت جاويد، ذيشان نقوي، ارشد غازي ۽ ٻيا به موجود هئا.
مسلم ليگ (ن) ملڪ کي قائد جو پاڪستان بڻائيندي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین