بيجنگ- 05 نومبر (اي پي پي) چين پنهنجي ملڪ ۾ سياحت ۽ عالمي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 09 ملڪ شامل ڪيا آهن . پ??ڏي??ي ميڊيا ??وجب ڏکڻ ڪوريا، ناروي، فن لينڊ، سلواڪيا، ڊينمارڪ، آئيس لينڊ اندورا، موناڪو ۽ ليڪٽنسٽائن جا شهري چين ۾ بنان ويزا جي داخل ٿي سگهندا. چين جي پ??ڏي??ي وزارت موجب 8 نومبر کان انهن ملڪن جا شهري ڪاروباري، سياحت، خاندان جي ماڻهن سان ملاقات يا ??رانزٽ لاءِ چين ۾ ويزا بنا داخل ٿي سگهند??. ا??ا پاليسي ايندڙ سال جي آخر تائين لاڳو رهندي جنهن کان پوءِ چين ۾ ويزا فري لسٽ ۾ ڪل ملڪن جو انگ 25 ٿي ويندو. چين ڪورونا بعد گذريل سال کان غير ملڪي شهرين تي لاڳو سفري پابندي ۾ نرمي ڪري رهيو آهي ته جيئن ملڪ جي معيشت ۾ بهتر رجحان اچي ۽ آمريڪا، يورپ ۽ ايشيائي ملڪن سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪري سگهجي. ان کان اڳ فرانس ۽ جرمني سميت 16 ملڪن جي شهرين کي ڪاروبار، سياحت، فيملي وزٽ ۽ ٽرانزٽ لاءِ 15 ڏينهن تائين بنان ويزا جي چين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هئي. ٻئي پاسي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيا سميت وڌيڪ 54 ملڪن جي شهرين کي چين ج?? 37 ??اخلي بندرگاهن ۾ ڪنهن هڪ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ بنان ويزا جي 72 يا 144 ڪلاڪن تائين ترسڻ جي اجازت آهي، ان شرط تي ته سندس وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جو آن ورڊ ٽڪيٽ موجود هجي. نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن موجب سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک کان به وڌيڪ پ??ڏي??ين چين جو دورو ڪيو جيڪو هر سال 152 سيڪڙو جو اضافو آهي. هن سال جنوري ۾ جون تائين 85 لک کان به وڌيڪ ويزا فري سياحن جي ملڪ ۾ داخلا ريڪارڊ ٿي جيڪا اندروني ملڪ چين جي س??ر جو 58 سيڪڙو بڻجي ٿي . جولائي کان سيپٽمبر جي عرصي دوران 81 لک کان به وڌيڪ پ??ڏي??ين چين جو دورو ڪيو. انهن مان 49 لک ويزا فري انٽريون هيون.
چين جي ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 9 ملڪ شامل
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil