ابوظھبي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ ڪراچي هوائي اڏي ويجھو روڊ تي ٿيل دھشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ??ئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني شھري فوت جڏھن ته ڪجهه بيگناھه ماڻھو زخمي ٿيا آھن. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل عرب امارات جي پرڏيھي وزرات طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته گڏيل عرب امارات اهڙين مجرماڻين ڪارروائ??ن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پھچائڻ جي مقصد جي ھر قسم جي تشدد ۽ دھشتگردي کي مستقل طور رد ڪري ٿو. عرب امارات جي پرڏيھي وزارت پاڪستاني حڪومت ۽ عوام، چ??ن جي حڪومت ۽ عوام ?? ان دھشتگردي واري واقعي ۾ فوت ٿيلن جي گھرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظھار ڪيو ۽ سمورن زخم??ن جي جلد صحتي??بي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری