مناما-17 مئي (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته غزه تڪرار سبب سموري خطي کي خطرو آهي، فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو ڪو به سبب ناهي، رفح تي ڪو به حملو قبولڻ جوڳو ناهي. بحري?? جي شهر مناما ۾ عرب ليگ جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو ته رفح تي به ڪو به حملو قبولڻ جوڳو ناهي، هن غزه کي وچ اوڀر جو کليل زخم قرار ڏيندي چيو ته اتي انساني بنيادن تي جنگ بندي، سمورن يرغمالي?? جي آزادي ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته جهڙي ريت 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حماس جي حملن جو ڪو سبب پيش نٿو ڪري سگهجي اهڙي ريت فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو پڻ ڪو به سبب پيش نٿو ڪري سگهجي. جنرل سيڪريٽري غزه جي ڏکڻ ع??ائقي رفح ۾ اسرائيلي حملي کي قبولڻ جوڳو نه قرار ڏيندي چيو ته ان سان ماڻه?? جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو، هن غزه ڪناري ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هن اسرائيلي?? جي غير قانوني آبادين، آبادڪاري?? جي تشدد ۽ اسرائيلي فوج پاران طاقت جي حد کان وڌيڪ استعمال ۽ فسلطيني?? جي ملڪيت?? جي تباهي ۽ انهن کي علائقي مان بي دخل ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تشدد ۽ عدم استحڪام جو خاتمي جو واحد مستقل رستو مسئلي جو ٻه رياستي حل آهي جنهن ۾ اسرائيل ۽ ف??سطين پاڙيسري ملڪ?? جي حثيت سان گڏ رهن ۽ والاري بيت المقدس ٻنهي جو گڏيل گادي وارو شهر هجي. هن والاريل اولهندي علائقي ۾ ڇڪتاڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل ليبيا، يمن ۽ سوڊان ۾ امن عمل جي تحفظ لاءِ پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شام جي ماڻهن تي زور ڀريو ته اهي مفاهمت واري جذبي سان گڏ ٿين. پنهنجي مقصد کي اهميت ڏين ۽ سڀني جي حقن جو احترام ڪن.
غزه تڪرار سبب سموري خطي کي خطرو آهي، فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو ڪو به سبب ناهي، رفح تي ڪو به حملو قبولڻ جوڳو آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis