بيجنگ _ 16 اپريل (??ي پي پي ) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ سندس ايراني هم منصب حسين امير عبد الهيان اسرائيل ۽ ايران جي و?? ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان فون تي ڳالهيون ڪيون . شنوا مطابق ايراني پرڏيهي وزير چيني هم منصب کي شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سف??رت خاني جي قونصلر سيڪشن تي ح??لي بابت ايران جي موقف کان آگاهه ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ان ح??لي تي ڪو ضروري قدم ناهي کنيو ۽ کيس خود مختياري جي خلاف ورزي جي جواب ۾ پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي . موجوده علائقائي صورتحال کي انتهائي حساس ??رار ڏيندي امير عبد الهيان چيو ته ايران تحمل کان ڪم وٺڻ تي راضي آهي ۽ حالتن کي و??يڪ خراب ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي . هن چيو ته ايران غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ جنگ بندي ، علائقائي امن جي بحالي ۽ علائقائي ملڪن وچ ۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ چين جي فعال ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو . هن وڌيڪ چيو ته چين ۽ ايران گڏيل شراڪت دار آهن ۽ چين ٻه طرفه لاڳاپن جي وسيع ترقي لاءِ مختلف شعبن ۾ ايران سان ع??لي سهڪار کي مستقل طورتي اڳتي و??ائڻ لاءِ تيار آهي .
چيني ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيلي فونڪ ڳالهيون ، اسرائيل ايران ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا