تل ابيب – 05 اپريل (اي پي پي) اسرائيل ڏڪار جي خطري جو شڪار غزه ۾ امد??د جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق اسرائيل جمعي تي اعلان ڪيو ته ڏڪار جي خطري جو شڪار اتر غزه ۾ عارضي امد??د جي فراهمي جي اجازت ڏيندو. خميس تي آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻڌايو ته اسرائيل بابت آمريڪي پاليسي غزه ۾ شهرين ۽ ا??دادي ڪارڪنن جي تحفظ تي ٻڌل آهي، اهو واشنگٽن طرفان اسرائيل جي فوجي مدد لاءِ امڪاني شرط ڏانهن پهريون اشارو هو. ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ اسرائيل اعلان ڪيو ته هو غزه لاءِ وڌي?? امدادي رستا کولي ڇڏيندو. نيتن ياهو جي آفس ٻڌايو ته اسرائيل جي وار ڪيبنٽ اشدود پورٽ ۽ ا??ريز لينڊ ڪراسنگ ذريعي عارضي امد??د جي فراهمي جي اجازت ڏني آهي، ان سان گڏو گڏ اردن کان ڪريم شالوم ڪراسنگ تي پڻ فراهمي ۾ اضافو ڪيو ويو. وائٽ هائوس فوري طور انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ ا??ه?? کي صدر جوبائيڊن جي درخواست تي ڪيل قدم قرار ڏنو. وائٽ هائوس چيو ته انهن قدم?? کي هاڻي مڪمل طور وڌيڪ تيزي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل طرفان غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔