بيجنگ-15 مارچ (اي ??ي پي) اتر چين جي صوبي شانزي ۾ ڪوئلي جي کاڻ جي زير زمين گودام ۾ ڦاٿل سمورن 7 پورهيتن جي فوتگي جي تصديق ڪئي وئي آهي. جمعي ڏينهن مقامي عملدارن موجب ڪوئلي جي صنعتي ڪارپوريشن جي ڪوئلي جي ڪيتايان زنگلانگ نالي کاڻ ۾ ريسڪي?? آپريشن ختم ڪيو ويو. زانگيانگ ڪانٽي جي انتظاميه موجب کاڻ مان آخري لاش جمعي جي صبح تقريبن ساڍا 6 وڳي ڪڍيو ويو. کاڻ جي سربراهه ٻڌايو ته زير زمين گودام ۾ حادثو گذريل سومر جي رات جو ان وقت پيش آيو جڏهن پورهيت ڪوئلي جي خراب فيڊر جي مرمت ڪري رهيا هئا، ان وقت اتي 7 پورهيت موجود هئا جڏهن ته ڪوئلي جو زير زمين گودام ڪرڻ سبب پاڻي جي لائين ڦاٽي ??ئي ۽ حادثي واري هنڌ پاڻي ڀر??ي ويو جنهن سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي درپيش رهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو