ماسڪو -12 مارچ (اي پي پي) يوڪرين روس جي شهر اوريول ۾ تيل جي ٺڪاڻن کي ڊرون حملن سان نشانو بڻ??يو جنهن جي نتيجي ۾ تيل جي هڪ ٽينڪ ۾ باهه لڳي وئي. روس جي خابرو اداري مط??بق سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات گادي واري هنڌ ماسڪو کان 350 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع انهن ٺڪاڻن تي ڪيل حملن م ڪو به شخ?? ??وت يا زخمي ناهي ٿيو. روس جي اختيارين مط??بق صورتحال ضابطي ۾ آهي ۽ رهواسين کي پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. رپورٽ مط??بق يوڪرين طرفان هڪ ٻئي ڊرون حملي ۾ ماسڪو کان 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع نوگوروڊ نامي علائقي جي ڀر ۾ واقع تيل ۽ گيس جي ٺڪاڻن کي به نشانو بڻ??يو ويو. يوڪرين طرفان روس جي 7 ريجنن ۾ مختلف هدفن کي ڊرون حملن سان نشانو بڻ??ئڻ جي ڪوشس ڪئي وئي. روسي فوج انهن مان گهٽ ۾ گهٽ 25 حملو ڪندڙ ڊرونز کي پنهنجي هدفن تائين پهچڻ کان اڳ روڪڻ جي دعوي ڪئي آهي.روس يوڪريني ڊرون حملن کي دهشتگردي جون ڪارروائيون قرار ڏنو آهي.
يوڪرين جا روس ۾ تيل جي ٺڪاڻن تي ڊرون حملا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ