ساپالو – 15 جنوري (اي پي پي) برازيل جي ڏکڻ اوڀر واري رياست ريوڊي جنيرو ۾ شديد برساتن سبب مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق برساتن ريوڊي جنيرو شهر ??ي اترئين حصي ۽ ويجهن ميونسپلٽيز سميت نائٽروئي، ڊيوڪ ڊي ڪسياس، پلفورڊروڪسو ۽ ساجوس ڊي ميرٽي کي پڻ متاثر ڪيو ۽ ڪ??تر?? ئي علائقن ۾ گهٽيون بوڏ جي پاڻي سان ڀرجي ويون. فائر ڊيپارٽمنٽ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڪ??تر?? ئي ماڻهن کي پنهنجا گهر ??الي ڪرڻا پيا. شهر ??ي ميئر ايڊورڊ پيس هنگامي وسيلن تائين پهچ ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي سار سنڀال لاءِ ايمرجنسي لا??و ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا وفاقي حڪومت طرفان متاثر علائقن لاءِ امداد جو اعلان ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب