رام الله-04 ڊسمبر (اي پي پي)فلسطين يج صدر محمود عباس زور ڀريو آهي ته غزه فلسطيني رياست جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ هو ان جي ڪنهن به حصي کي الڳ ڪرڻ، قبضو ڪرڻ يا ڌار ڪر?? جي اسرائيلي منصوبي کي رد ڪري ٿو. چيني ذريعن موجب فلسطين جي سرڪاري خابرو اداري جي حوالي سان ٻُڌايو ته هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن آمريڪي نائب صدر ڪملا هيريس سان گڏ ٽيليفونڪ دوران ڪيو. فلسطيني صدر چيو ته غزه تي اسرائيلي جارحيت کي فوري طور تي روڪڻ ۽ شهرين کي تباهيءَ کان بچائ?? جي ضرورت آهي. هن آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته هو فلسطيني شهرين خلاف اسرائيلي حملن، قتل، جاين کي پَٽ ڪرڻ ?? فلسطيني شهرين کي او??هندي ڪناري، والاري بيت المقدس ۽ وادي اردن جي علائقي ما?? بي دخل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ مداخلت ڪري. فلسطيني صدر چيو ته عالمي قراردادن تي ٻَڌل ٻه رياستي حل جي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي جنهن جي شروعاتي فلسطين کي گڏيل قومن ۾ مڪمل رڪنيت جي فراهمي ۽ عالمي امن ڪانفرنس جي ڪنوينشن ما?? هئڻ گهرجي.
غزه جي ڪنهن به حصي تي قبضي جي اسرائيلي منصوبي کي رد ڪريون ٿا: فلسطيني صدر
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری