اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان انهن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن پاڪستان جو مستقبل ٺاهڻ ۽ علم کي هٿي ڏيڻ واري عظيم مشن کي سرانجام ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. استاد اسان جي مستقبل جا معمار آهن، سندن ڪاوشن بنا اسان پنهنجي انهن خواهشن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون جيڪي اسان قوم جي حيثيت سان پنهنجي لاءِ طئي ڪ??ي رکيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم استادن جي عالمي ڏينهن (5 آڪٽوبر) ت?? پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان پنهنجي قوم جي مستقبل جي معمار طور استادن جي قدر جوڳي ڪردار کي تسليم ڪندي استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان گڏ آهيون. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان انهن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۽ علم کي هٿي ڏيڻ جي عظيم مشن کي سرانجام ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته حقيقت ۾ ڪنهن ملڪ جي ترقي بنيادي طور تي اتي جي فردن جي تعليم سان جڙيل هوندي آهي ۽ اها استادن جي اڻ ٿڪ محنت ئي آهي جيڪا نوجوان نسل ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو لڳاءُ پيدا ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته آئون پاڪستان جي سمورن استادن جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان جيڪ?? پنهنج?? پختي عزم سان نوجوان ذهنن کي سنواريندا آهن. هو ??سان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ علم تي ٻڌل معيشيت ٺاهڻ واري اسان جي مقصد جي لاءِ سندن محنت اڻ ٽر آهي، سندن ڪاوشن بنا اسان پنهنجي انهن خواهشن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون جيڪي اسان قوم جي حيثيت سان پنهنجي لاءِ طئي ڪ??ي رکيون آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت استادن سان ڪيل پنهنجي وعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان هڪ همٿائيندڙ ۽ س??ي معاون تدريسي افرادي قوت جي اهميت کي تسليم ڪيون ٿا ۽ جديد بنيادي ڍانچي ۽ تعليمي وسيلن ۾ سيڙپڪاري جا??ي رکنداسين. هن چيو ته اسان جو مقصد هڪ اعليٰ ڪارڪردگي وارو تعليمي نظام ترتيب ڏيڻ آهي، جيڪو اسان جي شاگردن ۽ استادن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ ترقي جا ڏاڪا طئي ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو، اسان اڄ ۽ هر ايندڙ ڏينهن ک?? پنهنجي استادن جي انتهائي اثر انگيز ڪردار طور ملهايون ۽ پاڪستان جي مستقبل جي اڳواڻن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۽ س??دن حوصله افزائي ڪرڻ واري سندن مشن ۾ معاونت ڪرڻ وار?? پنهنجي عزم کي ورجايون.
استاد اسان جي مستقبل جا معمار آهن، سندن ڪاوشن بنا اسان پنهنجون خواهشون پوريون نه ٿا ڪري سگهون ؛ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو پيغام
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری