اسلام آباد – 05 – ??گس?? (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وار?? وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀار?? جي غيرقانوني قبضي جو ڪو به جواز نه آهي، ڀارت 5 ??گس?? 2019ع جي قدمن کانپوءِ پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ اضافو ڪيو، آزادي بنيادي حق آهي، اسان ان حق سان گڏ آهيون ۽ بنا ڪنهن جواز جي ڀارتي قبضي جو خاتمو ??سان جو مشن آهي، حڪومت ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. اها ڳالهه هن ڪشمير ۽ سيفران واري وار?? وفاقي وز??ر انجنيئر امير مقام سان گڏ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات وار?? وفاقي وز??ر چيو ته ڪشمير معاملن واري وزارت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي آگاهي مهم هلائي ۽ هڪ عاليشان پروگرام منعقد ڪيو جنهن ت?? وفاقي وز??ر انجنيئر امير مقام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته 5 ??گس?? 2019ع جي غيرقانوني قدمن تحت ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي. معصوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو، ڀارت پاران ان جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جون به مسلسل خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀار?? جي غيرقانوني قبضي جو ڪو به جواز نه آهي. پاڪستان حڪومت ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي سدائين مذمت ڪئي آهي ۽ ورجاءُ ڪيو آهي ته معصوم ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي. هن چيو ته وز??راعظم شهباز شريف پي ڊي ايم حڪومت دوران به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ چيو هو ته ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني ڀارتي قبضي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 5 ??گس?? 2019ع جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ بنا جواز قدمن تحت ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي ۽ اتي انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ اضافو ڪيو. حريت اڳواڻن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حقن جي بحالي سميت ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ٿيڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي منظور ڪيل قراردادن تحت معصوم مظلوم ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي ڏهاڪن تي ٻڌل قربانين جو داستان آهي، جنهن ۾ نوجوانن، بزرگن، عورتن ۽ ٻارن قربانيون ڏنيون آهن. اڄ به اهي نعرا لڳائين ٿا ته اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهي. هن چيو ته آزادي بنيادي حق آهي، اسان ان حق سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بنا جواز ڀارتي قبضي جو خاتمو ??سان جو مشن آهي. گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي، ان جي لاءِ اسان هر سطح تي پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. ان موقعي تي ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي تيار ڪيل هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.
ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ڪو به جواز نه آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : رومن دولت