ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي بحريه جو جهاز ڪنالياڊا پاڪستان جي خير سگالي واري دوري جي تڪميل کانپوءِ پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهازن عربي سمنڊ جي اتر ?? گڏيل پيٽرولنگ ۽ سامونڊي مشقون ڪيون. پاڪ بحريه طرفان جاري بيان موجب انهن مشقن ۾ مختلف سامونڊي آپريشنز سميت غير روايتي خطرن خلاف دفاع، Visit Board Search & Seizure (VBSS) ۽ ايئر ڊفينس مشقون شامل هيون، جن جو مقصد پيشيوراڻي مهارت کي ب??تر بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪ جي سامونڊي فوج وچ ?? گڏيل ت??او?? کي وڌائڻ آهي ان کان اڳ دوري دوران ترڪ جي بحريه جي چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل ابراهيم اوزديم جي اڳواڻي ۾ ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪ بحريه جي فيلڊ ڪمانڊرز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ?? گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وڌيڪ ت??او?? جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪستان جي باني کي خراج ع??يدت پيش ڪرڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي طور تي گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهاز جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي، هاڻوڪو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ت??او?? کي عام طور ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ سهڪار کي خاص طور تي هٿي ڏيندو.
پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي بحريه جون عربي سمنڊ جي اتر ۾ گڏيل بحري مشقون
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔