اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته علائقائي امن، سلامتي ۽ سهڪار لاءِ آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پاڪستان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ??و، آسيان جو علائقائي يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي سيڪريٽري 27 جولاءِ کان لائو پي ڊي آر ۾ منعقد ٿيل 31 هي?? آسيان ريجنل فورم وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪن??ي هن چيو ته ايشيا پيس??ڪ خطي ۾ علائقائي تڪرارن تي پاڪستان جي نقطه نظر بابت شرڪت ڪن??ڙن کي آگاهه ڪن??ي گروپن جي سياست بدران ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي هي?? ڪشمير جي عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪن??ي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ان تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي سيڪريٽري غزه ۽ افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل داتو استنه عبدالعزيز، چين جي نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ ۽ ملائيشيا جي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل داتو سري عمران محمد زين سان پڻ ملاقات ڪئي.
پاڪستان آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو: محمد سائرس سجاد قاضي
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا