اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ سمال ميڊيم ا??ٽر پرائيز ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايم ا??ز جي ترقي ۽ سهولتن لاءِ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سمال ميڊيم ا??ٽر پرائيزز معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم ا??س ايم ا??ز جي رجسٽريشن ۽ سهولتڪاري ??ي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس جي پڌرائي مطابق ايس ايم ا??ز لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪسن کي هم آهنگ ۽ هڪجهڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته ??يڙ??ڪاري ۾ اضافي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت ??و ڪم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ادارن کي ڪريڊٽ جي سهولت ڏيڻ، انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ ايس ايم ا??ز جي لاءِ زمين رکڻ، مختلف اسڪيمن ذريعي عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي ترقي ڏيڻ ۽ 5 بلين جي رقم سان سمال ميڊيم ا??ٽر پرائيز فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت ۾ سمال ميڊيم انٽر پرائيز ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس منعقد
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino