اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي ماحولياتي خطرن کان بچائڻ جي لاءِ پوري قوم کي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ ??وس??ياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار پنجون ملڪ آهي، ??وس??ياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي 5 سيڪڙو آهي، هلندڙ سال ٻوٽا لڳائڻ جو هدف ٻيڻو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ به??ر جي ??وس?? جي ملڪ گير وڻڪاري مهم جي شروعات جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽي??نا??اجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن ٻوٽو لڳائي پوري ملڪ ۾ به??ر جي ??وس?? جي وڻڪاري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اسان جي ??ذر??ل حڪومت سڄي ملڪ ۾ وڻ لڳائڻ جو جيڪو هدف مقرر ڪيو هو، هلندڙ سال لڳايا ويندڙ ٻوٽن جو انگ ٻيڻو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مجموعي ايراضي جي لحاظ کان ٻيلن جو تناسب رڳو 5 سيڪڙو آهي، عالمي ماحولياتي رسڪ انڊيڪس رپورٽ موجب پاڪستان ??وس??ياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار دنيا ۾ پنجون ملڪ آهي. هن چيو ته 1999ع کان 2018ع دوران ??وس??ياتي تبديلين جي ڪري 10 هزار قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ اسان جي معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، ان جي لاءِ تعليمي ادارن ۾ پڻ ان خطري کان آگاهي فراهم ڪرڻ ضروري آهي ۽ وڻڪاري مهم کي پوري ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پوري قوم کي گهرجي ته ملڪ کي ماحولياتي خطرن کان بچائڻ ۽ صحتمند ماحول مهيا ڪرڻ جي لاءِ وڻڪاري جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ته جيئن پاڪستان هر قسم جي ماحولياتي آلودگي ۽ ماحولياتي خطرن کان محفوظ رهي. ان کان اڳ وزيراعظم پي ايم هائوس ۾ ٻوٽو هڻي به??ر جي ??وس?? جي ملڪ گير وڻڪاري مهم شروعات ڪئي. واضح رهي ته هلندڙ سال 2024ع ۾ به??ر جي ??وس?? مهم دوران سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 5 ڪروڙ 43 لک 80 هزار ٻوٽا هنيا ويندا، 2023ع جي برسات جي ??وس?? جي وڻڪاري مهم دوران 4 ڪروڙ 90 لک کان وڌيڪ ٻوٽا هنيا ويا هئا. به??ر جي ??وس?? جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 41 لک، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 17 لک 20 هزار، خيبرپختونخو??هه ۾ 57 لک 10 هزار، بلوچستان ۾ 30 لک، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ هڪ ڪروڙ 18 لک 50 هزار ۽ گلگت بلتستان ۾ 80 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. 2023ع جي ??وس?? جي برسات جي وڻڪاري مهم دوران پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 46 لک 20 هزار، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک، خيبرپختونخو??هه ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک 80 هزار، بلوچستان ۾ 10 لک 60 هزار، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 33 لک ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 لک 60 هزار ٻوٽا لڳايا ويا.
پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار پنجون ملڪ آهي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آگاهي ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں