اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ انهن جي جديد خيالن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آ??ي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل ??ون??ورسٽي آف ٽيڪنالاجي (نيوٽيڪ) جي اهتمام هيٺ اسپائر پاڪستان جي تعاون سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ (اين آءِ بي) جي ٽئين ايڊيشن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليمي ماهرن ۽ واپاري برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن ??يو ته پاڪستاني نوجوان تمام گهڻين صلاحيتن، شاندار ذهن ۽ روشن خيالن جا مالڪ آهن جڏهن ته انهن کي پنهنجي خيالن کي چٽاڀيٽي ۽ معياري مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مناسب پليٽ فارم جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي. صدر جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??يو ته هو علم تي ٻڌل معيشت کي فروغ ڏيڻ جو زبردست حامي آهي. هن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ نيشنل آئيڊيا بئنڪ جهڙن فورمز جي ذريعي ٽيلنٽ هنٽنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي اين آءِ بي جي ڪردار کي ساراهيو جيڪو ملڪ جي روشن ۽ خوشحال مستقبل ۾ تبديلي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. صدر ??يو ته ملڪي ترقي جي لاءِ جديد ۽ فني حل کي وقت سر اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي چونڊ عمل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي استعمال جي وڪالت ڪندو رهيو آ??ي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نظام تي اشرافيه جي پڪڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن رڳو اشرافيه جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ اها اهم سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. صدر ان ڏس ۾ 26 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي تعليم جو خاص طو?? تي ذڪر ڪيو جن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ سان گڏوگڏ نئين ڄاول ٻارن جي موت جي شرح جهڙن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ذاتي مفادن تي ٻڌل موجوده عالمي نظام کي تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪو غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو آ??ي. اسپائر جي چيئرپرسن حسن سيد شرڪت ڪندڙن کي نيشنل آئيڊيا بئنڪ بابت آگاهه ڪندي ??يو ته هو جدت، تخليقي صلاحيتن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پليٽ فار طو?? تي بهترين ذهني صلاحيت، ڪاروباري ۽ سُلجهيل ماڻهن کي گڏ ڪري پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم خيالن ۽ قدمن کي ڳولي سگهي ٿو. نيوٽيڪ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) معظم اعجاز ??يو ته اين آءِ بي نوجوانن کي پنهنجي جديد آئيڊياز کي ڪامياب مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فار فراهم ڪري رهيو آ??ي. هن ??يو ته نوجوانن کي تربيت ۽ رهنمائي ڏيڻ جي لاءِ ??ون??ورسٽين، مارڪيٽن، ڪاروبارن ۽ مقامي صنعتن جو تعاون ضروري آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شهزانه ميمڻ ان موقعي تي خطاب ڪندي ??يو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 6 هزار کان وڌيڪ ڪاروباري آئيڊياز کي فروغ ڏنو آ??ي ۽ ان جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ مقامي اسٽارٽ اپس قائم ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جي ٽئين سيزن ۾ اٽڪل 2400 آئيڊياز مليا جن مان 67 آئيڊياز کي قومي سطح جي فاتح طو?? تي چونڊيو ويو آ??ي. صدر تقريب ۾ اين آءِ بي سيزن ٿري جي فائنل ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن کي شيلڊز سان پڻ نوازيو.
نوجوانن جي جديد خيالن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena