اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان بابري م??جد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي م??مت ڪندي ان کي ڀارت ۾ مسلمانن جي پسماندگي وڌائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب صديون پراڻي م??جد کي 6 ڊسمبر 1992ع تي انتهاپسند هندوئن جي هجوم شهيد ڪري ڇڏيو هو، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هندستان ج?? اعليٰ عدليه نه رڳو ان ڪڌي ف??ل جي ذميوار ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي مندر ٺاهڻ جي پڻ اجازت ڏئي ??ڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي شهر ايوڌيا ۾ شهيد ڪيل بابري م??جد جي جڳهه تي ”رام مندر“ جي تعمير جي م??مت ڪري ٿو. اهو هندستاني م??لمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي پسماندگي جي لاءِ جاري ڪوششن جو هڪ اهم رخ آهي. شهيد ڪيل بابري م??جد جي جڳهه تي ٺاهيل مندر ايندڙ وقتن ۾ هندستان جي جمهوريت جي چهري تي ڪارو ڌٻو بڻجندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت ”هندوتوا“ نظريي جي وڌندڙ لهر مذهبي هم آهنگي ۽ علائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل عالمي ادارن کي ڀارت ۾ اسلامي ثقافتي جاين کي انتهاپسند گروهن کان بچائڻ ۽ ڀارت ۾ اقليتن جي م??هبي ۽ ثقافتي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی