لاهور-28 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت پنهنجي وسيلن اندر رهندي نيشنل ڪاليج آف آرٽس (اين سي اي) لاهور کي سموري??ن ممڪنه سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ر??ي آهي. اداري جا شاگرد لازوال صلاحي??ن جا مالڪ آهن. اهڙو اظهار هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ تصويري نمائش ”ڪرافٽنگ هسٽريز پراجيڪٽ“ جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته اهڙيون نمائشون نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي ورثي بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته منهنجي لاءِ هتي اچڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. اين سي اي 150 سال پُراڻو ادارو آهي، اداري کي جيڪي ماڻهو هلائي ر??يا آهن اهي ملڪي خدمتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يا آهن. هن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هن اداري ۾ هڪ ميوزيم پڻ هئڻ گهرجي، ان ميوزيم ۾ برصغير جي 1857ع کانپوءِ جون سموريون تصويرون ۽ انهن سان لاڳاپيل شيون رکيون وڃن. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته هن ميوزم جي پيڙهه جو پٿر مان پاڻ ئي رکندس ميوزم ۾ تاريخي تصويرون رکيون وينديون ته جيئن عوام کي پاڪستان ۽ برصغير جي تاريخ جي حوالي سان آگاهي حاصل ٿئي.
نگران وفاقي حڪومت اين سي اي لاهور کي سموريون ممڪنه سهولتون فراهم ڪري رهي آهي: تعليم وارو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2