اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ ??ي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت پڻ مشاورت ٿي، وفد آءِ ايم ايف سان معاهدي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آ??يس جي ميديا ونگ موجب وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالا??ي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا. ان موقعي تي ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اقتصادي معاملن ??ارو وفاقي وزير سردار اياز صادق به موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿي. ملاقات وزيراعظم جي نگران حڪومت جوڙڻ بابت اتحادين سان مشاورت جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت مشاورت ٿي. وفد وزيراعظم کي ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن جي ذاتي نگراني ۽ ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم يقيني بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. متحده ??ي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات