اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) ناڻي واري و??اقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي جي تفصي?? سان ڀيٽ پيش ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع کان وٺي 2018ع تائين جي مدي ۾ آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ڪرڻ کانسواءِ معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻايو ۽ دانشمنداڻين پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻجي وئي جڏهن ته گذري?? ساڍن چئن سالن ۾ ناقص ڪارڪردگي جي ڪري 47 هين نمبر تي پهچي و??و. ناڻي واري وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مجموعي قومي پيداوار کي 2013ع ۾ 3.9 سيڪڙو مان وڌائي 2018ع ۾ 6.1 سيڪڙو ??ائين پهچائي ڇڏيو. انهي مدي ۾ مجموعي طور تي جي ڊي پي ۾ ٻه سيڪڙو ??و اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي شروعاتي ٻن سالن ۾ جي ڊي پي جي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي ۽ آخري سال ۾ بيس (base) سال کي تبديل ڪري جي ڊي پي کي 6 سيڪڙو ڏيکاريو ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بلحاظ ڳاڻيٽو جي ڊي پي ۾ 97.9 سيڪڙو ??ي واڌي ٿي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 18.7 سيڪڙو ??ي واڌ ڏيکاري وئي آهي، هن چيو ته 2013ع ۾ في ڪس آمدني 1446 ڊالر هئي جيڪا 2018ع ۾ 1768 ڊالر ٿي وئي، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٻه سيڪڙو ??ي گهٽتائي آئي، 2018ع ۾ صارفين ل??ءِ قيمتن جو اهڃاڻ 4 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 12.2 سيڪڙو ??ي پهچي و??و، 2018ع ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي شرح 3.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 13.4 سيڪڙو ??ي سطح تي پهچي وئي. 2018ع ۾ بنيادي ناڻي واڌ 5.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 8.1 سيڪڙو ٿي وئي، 2018ع ۾ امپورٽ جو ڳاڻيٽو 55.7 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 71.5 ارب ڊالر ٿي و??و، جي ڊي پي جي شرح سان امپورٽ جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 15.6 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 19 سيڪڙو ??ائين پهچي و??و. 2018ع ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.4 ارب ڊالر هو جيڪو مالي سال 2022ع ۾ 15.5 ارب ڊالر هو. قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 24953 ارب هو جيڪو 2022ع ۾ 49242 ارب روپيا ٿي و??و، پرڏيهي قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 70.2 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 88.8 ارب ڊالر ٿي و??و.
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار طرفان قومي اقتصادي سروي جاري ڪرڻ جي موقعي تي پي ٽي آءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪاردگي جي ڀيٽ جو جائزو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ