ڪوئيٽا – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان بي اي پي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ??لا??ات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معامل?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ سياسي پارٽي پاران ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافي، جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي سياست جي مذمت ڪئي جڏهن ته ??لا??ات ۾ قوم پاران من??ي سياست کي رد ڪري پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادار?? تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. ??لا??ات ۾ بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جي حل تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي ??مل?? تعاون کانسواءِ ممڪن نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي احساس محرومي جي شڪار ننڍن صوبن کي اهميت ڏي ٿي. هن يقين ڏياريو ته هو بلوچستان جي مالي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن سان ڳالهه ڪندو.
پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria