اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان غيرملڪي پبلڪ دستاويزن جي قانوني حيثيت جي جاچ لاءِ ڊگهي تصديقي عمل جي شرط کي ختم ڪرڻ بابت ”ا??وس??يل ڪنوينشن“ جي توثيق ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان حڪومت غيرملڪي سرڪاري دستاويزن جي لاءِ قانوني حيثيت جي شرط کي ختم ڪرڻ (1961ع جي ا??وس??يل ڪنوينشن) باب?? هيگ ڪنوينشن تسليم ڪيو آهي. اهو ڪنوينشن پبلڪ دستاويزن جي تصديق جي عمل کي انتهائي م??تصر ڪري ڇڏي ٿو جنهن موجب دستاويز جاري ٿيندڙ ملڪ جي نامزد اٿارٽي پاران هڪ تصديقي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي ٿو جنهن کي ”ا??وس??يل“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ا??وس??يل پاران تصديق ٿيل غيرملڪي پبلڪ دستاويزن کي وڌيڪ ڪنهن تصديقي عمل مان گذرڻ جي شرط کانسواءِ سڌوسنئون لاڳاپيل عملدارن کي پيش ڪري سگهجي ٿو. ڪنوينشن ۾ شامل رياست جي ذميوارين موجب پاڪستان جا لاڳاپيل عملدار هاڻي ڪنوينشن جي ميمبرن/ معاهدو ڪندڙ رياستن پاران جاري ڪيل فارن ا??وس??يل سرٽيفڪيٽس کي لاڳو ٿيڻ جي تاريخ يعني 9 مارچ 2023ع کان پرڏيهي وزارت يا ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني م??نز کان تصديق جي شرط کانسواءِ قبول ڪندا. ترجمان موجب ضروري قانونسازي ۽ ٻين گهرجن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان پاران ”ا??وس??يل سرٽيفڪيٽس“ جاري ڪرڻ جو عمل به ڪجهه مهينن ۾ شروع ٿي و??ند??. پرڏيهي وزارت ڪئمپس آفيسز ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني م??نز تي م??مول جي تصديق جون خدمتون معمول موجب جاري رهنديون.
پاڪستان پاران غيرملڪي پبلڪ دستاويزن جي قانوني حيثيت جي جاچ لاءِ ڊگهي تصديقي عمل جي شرط کي ختم ڪرڻ بابت ”اپوسٽيل ڪنوينشن“ جي توثيق
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج