اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگار پ??ڪي?? تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب و??ل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن آبادگار پ??ڪي?? تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، طارق بشير چيما، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، و??يراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آبادگار پ??ڪي?? تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب و??ل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، حڪومت هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي 50 سيڪڙو ڪارگو جي لاءِ گوادر پورٽ کي استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي لاءِ گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال هجڻ اهم آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اجلاس کي آبادگار پ??ڪي?? تي عملدرآمد تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آبادگارن کي ٽيوب و??ل تي ڏني ويندڙ سبسڊي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ ڏني ويندڙ سهولت ۽ مدد تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک