آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو آهي. قزا??ست??ن جي گادي واري شهر آستانه پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. قازقستان جي نائ?? وزيراعظم نور سلطان بايوف وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ آهي. وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم 13 آڪٽوبر 2022ع ت?? سيڪا جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم سيڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. سيڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سربراهي اجلاس ار??ع کان آستانه ۾ شروع ٿيندو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا