اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??ائ??ا ٿري گارجز جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 6 لک 50 هزار ڊالر جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد جي قيادت پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ڪري ر??يو هو. ??ائ??ا ٿري گارجز جي چيئرمين ووشينگ ليان وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ چيڪ ڏنو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??ائ??ا ٿري گارجز تحت ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ گذريل ٽن مهينن کان پوري صلاحيت سا?? هلي ر??يو آهي. ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سي پيڪ فريم ورڪ تحت لڳايو ويندڙ پن بجلي جو اهم منصوبو آهي جنهن تحت 720 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت واري بجلي پ??دا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڀرپور مالي مدد فراهم ڪرڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ، چيني ڪمپنين ۽ چين جي عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم ??ائ??ا ٿري گارجز کي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ ان منصوبي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي قدم کي سارا??يو ۽ پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي جي فراهمي تي ان جي ڪوششن کي ساراهيو.
وزيراعظم سان چائنا ٿري گارجز جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل