اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته نظريه پ??ڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا، پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آه??، اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين، پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ڏني آه??، هلندڙ سال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي رهيا آه??ون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پ??ڪستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آه??، اڄ اسان نظريه پ??ڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي خوشي جي م??قع?? تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي ملڪ پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان جي بانين جي لاتعداد قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڄ اسان نظريه پ??ڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. هن چيو ته هلندڙ سال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي پڻ ملهائي رهيا آه??ون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. انهن تقريبن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پ??ڪستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آه??. صدر چيو ته هن تاريخي م??قع?? کي ملهائڻ جي حوالي سان سمورن ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آه??. ڊائمنڊ جوبلي جي هن م??قع?? تي اسان کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين جو پڻ احاطو ڪرڻ جي سخت ضرورت آه??. هن چيو ته پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آه??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ڏني. تازي ماضي ۾ اسان ڪورونا وبا تي پڻ ڪاميابي سان ضابطو آندو آه??. صدر چيو ته هن تاريخي م??قع?? تي اسان پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته آئون پاڪستان جي پورهيتن، مزدورن، عورتن، ڪاروباري برادري، اقليتن ۽ انهن سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته اڄ جي پاڪستان کي معاشي ۽ سياسي سطح تي مشڪلاتون درپيش آه?? پر منهنجو پڪو يقين آه?? ته هي قوم پنهنجي پڪي ارادي، حب الوطني، ڏينهن رات محنت، اتحاد، تنظيم، گڏيل هم آه??گي ۽ يڪجهتي سان انهن مشڪلاتن مان به سرخرو ٿي نڪرندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي اڄ آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ۽ ڀارتي ڏاڍ جي شڪار ڀينرن ڀائرن کي پڻ نه وسارڻ گهرجي.
نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی