اسلام آباد – 19 ̵1; مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ان تراني جي ڌُن ۽ ٿهيم پراڻي آهي، جميل الدين حالي جو لکيل اهو ت??انو قرآن ڪريم سان ماخوذ آهي ۽ ان ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي آفيشل گاني جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته تراني جو ٿهيم ”الله جي رسيءَ کي مضبوطي سان پڪ??ي رکو ۽ فرقي ۾ نه پئو“ آهي. هن چيو ته تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته هي ترانو او آءِ سي جو آفيشل ترانو آهي، 1974ع ۾ هڪ قرارداد جي ذريعي ”هم مصطفوي“ کي او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ڊڪليئر ڪيو ويو هو. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته ترانو اردو زبان ۾ آهي پر ان ۾ عربي، فارسي جو ٿهيم به موجود آهي، 1974ع ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو اهو ت??انو پيش ڪيو ويو. هن چيو ته تراني جو ميوزڪ ويسٽرن ڪلاسڪ ۽ اهو ت??انو يونيورسل زبان ۾ آهي جنهن ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ڪوشش ڪئي آهي ته تراني جي اصل شڪل کي برقرار رکيو وڃي.
ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات