اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي ??فير نواف بن سعيد الحمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سعودي سفير وزيراعظم عمران خان کي ولي عهد محمد بن سلمان پاران آڪٽوبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جي موضوع تي ٿيندڙ سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ باضابطه دعوت ڏني. واضح رهي ته سعودي ولي عهد پاران مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو جو اعلان هلندڙ سال جي ??غاز ۾ ڪيو ويو ??و، جيڪو وزيراعظم پاڪستان جي ڪلين ۽ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عر?? ماحوليات ۾ تبديلي بابت پنهنجي ??ڪمت عملي ۾ هم آهنگي پ??دا ڪرڻ لاءِ به هڪٻئي سان ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ان سربراهه اجلاس ۾ ڏني ويندڙ دعوت ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف آهي.
وزيراعظم سان سعودي عرب جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا