اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خميس ڏينهن ملائيشيا جي وزيراعظم مها??ير محمد سان ٽيليفونڪ رابطو ??يو?? هن پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي پاران مها??ير محمد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو هڪ مدبر ۽ اعليٰ اڳواڻ آهي، وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ملائيشيا جي وزيراعظم کي عام چونڊن ۾ ”پاڪا تن هراپن“ جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، هن ملائيشيا جي مستحڪم اقتصادي ترقي جي لاءِ وزيراعظم مها??ير محمد جي ويزن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم مها??ير محمد به وزيراعظم عمران خان جي لاءِ اهڙن جذبن جو اظهار ڪندي پاڪستان ??ي تازين چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ هڪٻئي جي مهارتن مان فائدي لاءِ عملي سطح تي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم ملائيشيا جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪري ور??ي، وزيراعظم مها??ير محمد به وزيراعظم عمران خان کي ملائيشيا جي جلد دوري جي دعوت ڏني ۽ هن به اها دعوت قبول ڪري ور??ي.
وزيراعظم عمران خان جو ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر