ڪابل ??? 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شا??د خاقان عباسي افغانستا?? جي صدر اشرف غني جي دعوت تي پ??ڏي??ي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه سان گڏ ڪابل جو دورو ڪيو، افغان صدر ۽ وزيراعظم شا??د خاقان عباسي جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ افغان صدارتي محل ۾ وفد?? جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، هن افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت، دهشتگردي جي خاتمي، افغان پناهگير?? جي واپسي، ٻه طرفي واپار ۽ علائقائي رابطن سميت پاڪ افغان لاڳاپ?? جي سمورن رخن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته افغانستان پاڪستان ايڪشن پلان براءِ امن ۽ يڪجهتي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي وسيع بنياد ۽ منظم رابطي جو مفيد فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. هن امن ۽ يڪجهتي لاءِ پاڪ افغان ايڪشن پلان تحت پنج ورڪنگ گروپس کي فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم شا??د خاقان عباسي افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت جي افغان صدر اشرف غني جي ويزن ۽ طالبان کي امن ڳالهي?? جي سندس آڇ جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان جي صدر جي دعوت تي ڪابل جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا