اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ڪينيڊا جي پارليامينٽ ميمبرن جي هڪ وفد ياسمين رتن سي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڪينيڊا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر طارق عظيم خان، پاڪستان ۾ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر پيري جان ڪالڊ رو??ڊ ۽ رو??ينه خورشيد عالم به موجود هيون، ڪينيڊا جي وفد ۾ سينيٽر سلميٰ عطا الله جان، سينيٽر ڊيني ايف گريفن ۽ پارليامينٽ ميمبر ٽيلي ڊوگوئڊ، را??رٽ ڪچن، مري رانڪن ۽ رميش سانگها شامل هئا. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته وفد جي دوري سان پاڪستان ۽ ڪينيڊا جا ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ واپار ۽ عوام جي وچ ۾ را??طا وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وسيع تر تعاون لاءِ ڪيل ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ملندي
مضمون کا ماخذ : گرم گرم