اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني صحت جي سهولتن تائين عوام جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته بنيادي طبي سهولتون انهن ماڻهن تائين پهچڻ ضروري آه?? جن کي انهن جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آه??، شهرين کي بنيادي طبي سهولتن سان گڏ صحتمند ماحول جي فراهمي پڻ ضروري آه??، سمورن شهرين کي هڪ جهڙي، سستي ۽ معياري طبي سهولتن جي فراهمي اسان جي ترجيح آه??. هو هيلٿ سروسز اڪيڊمي (ڊگري اييوارڊڊ انسٽيٽيوٽ) ۾ ٻ?? ڏينهن واري 14هين سالياني عالمي ع??ام?? صحت ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وقتي صدر چيو ته هيلٿ سروسز اڪيڊمي ع??ام?? صحت جي بهتري جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آه??، ان اداري جو ايندڙ نسل کي طبي شعبي ۾ هنرمند بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آه??، هيلٿ سروسز اڪيڊمي هنرمند افرادي قوت جي تياري جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آه??، ع??ام?? صحت جي سهولتن جي بهتري ۽ فني تربيت سان قومي سطح تي فائدو کڻي سگهبو، موجوده حڪومت جي ع??ام?? صحت بابت ويزن تي عملدرآمد جي لاءِ طبي شعبي جا تربيت يافته ماڻهو نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ بطور وزيراعظم ڳوٺاڻي علائقن ۾ طبي سهولتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏنو، ڪوشش اهي ته صحت جي شعبي کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌائي سگهون، صحت جي شعبي ۾ جدت، سيڙپڪاري ۽ تحقيق تي ڌيان ڏئي رهيا آه??ون. عالمي ڪانفرنس صحت جي شعبي سان واڳيل چئلينجز کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ موثر پليٽ فارم آه??، صحت جي سهولتن تائين عوام جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وقتي صدر پنهنجي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري نرگس سيٺي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن اداري جو قيام ۽ فعال بڻائڻ ۾ ان جي محنت پڻ شامل آه??. هن چيو ته صحت جي ماهرن کي پيشيواراڻيون مهارتون ۽ وسيلا فراهم ڪري صحت جي شعبي ۾ خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. صحت جي سارسنڀال رڳو علاج تائين محدود نه آه?? پر اها اه??يون حالتون پيدا ڪرڻ بابت آه?? جيڪي ماڻهن جي صحت کي بهتر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. هن چيو ته آئون قانونسازي، پاليسي ۽ انهن قدمن جي اهميت کي سمجهان ٿو جيڪي صحت جي ادارن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪن ۽ جدت، سيڙپڪاري ۽ تحقيق کي فروغ ڏين. صحت جي حوالي سان آگاهي ۽ اداراجاتي ترقي تي ڌيا?? ڏيڻ ع??ام?? صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ضروري آه??. هن چيو ته معاشرتي ۽ طرز زندگي جي عملن کي سمجهي اسان اه??ا بهتر پروگرام ۽ پاليسيون جوڙي سگهون ٿا جيڪي صحت جي مسئلن جي حل ۽ پائيدار مثبت تبديلي کي فروغ ڏئي سگهن. هن چيو ته ريسرچ، انوويشن ۽ پريڪٽس کي گڏ ڪري علاج جي بهتر سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن خاطري ڪرائي ته اداري پاران اٿاريل معاملن کي پارليامينٽ جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذريعي حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته منهنجو والد 1950ع ۾ صحت وارو وزير رهيو، هن ملتان، ڊي جي خان ۽ ميانوالي ۾ ڊي ايڇ ڪيو جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هو لاهور ۾ نشتر اسپتال جو باني هو. وائيس چانسلر هيلٿ سروسز اڪيڊمي پروفيسر ڊاڪٽر شهزاد علي خان چيو ته جڏهن اسان هن پليٽ فارم تان پهرين ڪانفرنس منعقد ڪئي ته تمام گهٽ ڊاڪٽر ۽ معاون اسٽاف اه??و هو جنهن کي صحت جي تعريف جي به مڪمل طور تي خبر نه هئي. حڪومت، صحت واري وزارت ۽ ڌرين جي مدد سان اسان هن شعبي ۾ ڪم ڪيو آه??. هن اداري صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم فراهم ڪيو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ هيلٿ ورڪ فورس جو تصور پيش ڪيو هو، اسان انهي مشن ۽ سفر کي کڻي هلي رهيا آه??ون. پاڪستان سوئيٽ هوم جي سرپرست زمرد خان چيو ته حڪومت الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪائونسل ۽ نرسنگ ڪائونسل کي ضم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آه??. اهي ٻئي ادارا مڪمل طور تي جدا ڪم ڪن ٿا. انضمام سان مشڪلاتون وڌنديون، ان فيصلي تي نظرثاني جي ضرورت آه??. ڪانفرنس جو مرڪزي موضوع ”تحقيق کي عمل ۾ تبديل ڪرڻ: سماجي ۽ رويي ۾ تبديلي جي ذريعي ع??ام?? صحت جي نئين سر تعريف ڪرڻ“ آه??. وائيس چانسلر هيلٿ سروسز اڪيڊمي پروفيسر ڊاڪٽر شهزاد علي خان، پاڪستان سوئيٽ هوم جو سرپرست زمرد خان، رجسٽرار ايڇ ايس اي پروفيسر ڊاڪٽر محمد عبدالله خان، ڊپٽي ڪنٽرولر امتحان ڊاڪٽر خالد اقبال ملڪ کانسواءِ صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڌرين جو وڏو انگ موجود هو.
بنيادي طبي سهولتون انهن ماڻهن تائين پهچڻ ضروري آهن، سمورن شهرين کي هڪ جهڙي، سستي ۽ معياري طبي سهولتن جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں