اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس ۽ اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي اهم آهي، ٽيڪس ڏيندڙن کي دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پ??ران جاري پڌرائي موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن جي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي موقعي تي وزيراع??م هدايت ڪئي ته ايف بي آر جي آفيسرن جي پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ان کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ جي نئين سر تعمير جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پ?? هدايت ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس ۽ اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي اهم آهي. وزيراع??م ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ايف بي آر ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو وڃي. وزيراع??م محمد شهباز شريف لاڳاپيل آفيسرن کي سمورن ايف بي آر سڌارن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائڻ جي پ?? هدايت ڪئي.
ٽيڪس ۽ اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي اهم آهي، ٽيڪس ڏيندڙن کي دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا