لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف اسلام آباد جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان گهرو معاملن واري وفاقي وزير ، اسلام آباد انتظاميه ۽ اسلام آباد پو??يس جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد تي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي اسلام آباد پو??يس شاندار ڪردار ادا ڪيو، پاڪ فوج، پنجاب پو??يس ۽ رينجرز به اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار وزيراعظم، گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير، وزيراعظم کي اسلام آباد جي تازه ترين صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم اسلام آباد جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير، اسلام آباد انتظاميه ۽ اسلام آباد پو??يس جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل حميد شاهه عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندي شهادت ماڻي، الل?? تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري. وزيراعظم چيو ته قوم اها قرباني هميشه ياد رکندي، شهيد سپاهي جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته شهيد جي وارثن جو مڪمل طور تي خيال رکيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد جي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويو. صورتحال تيزي سان معمول طرف اچي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معيشت ج?? ترقي ۽ مملڪت خداداد جي خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، سياسي مخالفن کي پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري هضم نه ٿي رهي آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪري ٿي، سياسي مخالف پاڪستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي معيشيت ج?? حوالي سان ڪنهن کي غير قانوني طور تي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ عالمي تقريبون معمول موجب ٿينديون. هن چيو ته سيڪيورٽي جا بهترين ۽ اعليٰ معيار جا انتظام ڪيا پيا وڃن جنهن تي سڄو ڌيان آهي. ان موقعي تي گهرو وزير وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهم شاهراهون ٽريفڪ لاءِ کوليون ويون آهن، صورتحال تيزي سان معمول تي اچي رهي آهي، گهرو وزير، وزيراعظم کي سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي واپسي تي به بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سريلنڪا ۾ قيد 56 پاڪستاني قيدي اڄ وطن واپس پهچندا. گهرو وزير چيو ته نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي جا سمورا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم سريلنڪا کان قيدين جي واپسي جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير ۽ نجڪاري واري وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات، اسلام آباد جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil