اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي ملائيشيا جي هم منصب سان ??لا??ات ۾ ڪيو. وفاقي وزير ملائيشيا جي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزير ٽينگو عبدالعزيز سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ پاڪستان مان ملائيشيا کي ايڪسپورٽ ٿيندڙ شين ۽ واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ??لا??ات ۾ واپار ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي غور ڪ??و ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستا?? جي تقريبن سمورن شعبن ۾ ترقيءَ جا امڪان موجود آهن ۽ ملائيشيا جي سيڙپڪارن کي انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ اعليٰ معيار جا چانور ۽ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني انبن، حلال گوشت ۽ چانور?? جي تمام گه??ي کپت آهي. هن چيو ته ملائيشيا چانور?? جي امپورٽ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ سهڪار ڪري، پاڪستان حڪومت چانور?? جي گهٽ ۾ گهٽ ايڪسپورٽ قيمت (ايم اي پي) کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن سان پاڪستاني واپار ڪ??دڙن کي چٽاڀيٽي جي قيمتن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن پاڪستاني گوشت ۽ جيليٽن ايڪسپورٽ ڪندڙ ڪمپنين لاءِ ايڪريڊيٽيش?? جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته ان شعبي ۾ سهڪار سان واپار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي سگهي ٿو. واپار واري وزير چيو ته پاڪستاني واپارين کي ملائيشيا لاءِ گوشت ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڏُکيائين کي حل ڪرڻ ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي، ان سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان واڌ ممڪن ٿيندي. بعد ۾ ملائيشيا جي وزير پاڪستان کي آسيا?? جي سرگرمين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ڇاڪاڻ ته ملائيشيا آسيا?? جي سربراهي سنڀالي رهيو آهي.
ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن