اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسا??ي ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان اپريل تائين واپاري خسارو 21.6 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 17.7 ارب ڊالر تي اچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 22.6 ارب ڊالر هو. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي ناڻي ۾ 3.5 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو ۽ اهو وڌي 23.8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 23 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان اماڻيل ناڻو رڪارڊ ٿيو هو. حڪومت جي سڌارن وارين پاليسين ۽ معاشي ب??الي لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪا??ي ۾ اض??فو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪا??ي ۾ 8.1 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪا??ي ۾ 8.1 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو ۽ اهو وڌي هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ٿي هئي. هلندڙ مالي سال دوران مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ به چڱو اض??فو ٿيو آهي ۽ اهي وڌي 14 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب 90 ڪروڙ ڊالر آهن. معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ روپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو رڪجي ويو ۽ جون 2023ع کانپوءِ روپئي جي قدر ۾ 2.8 سيڪڙو اض??فو جو رڪارڊ ٿيو.
هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي: اقتصادي سروي
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری