اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شطرنج جي راند کي پاڪستان ۾ مقامي سطح تي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ شطرنج جي مقبوليت لاءِ مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن ۽ شطرنج جي عالمي تنظيمن ۽ نجي شعبي سان حصيداري کي ف??وغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عالمي شط??نج فيڊريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته شطرنج جي سرپرستي ۽ فروغ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، شط??نج جا مقابلا منعقد ڪرڻ سان راند جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي ٿي. صدر ملڪ ۾ شط??نج سميت صحتمند سرگرمين کي ف??وغ ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته شط??نج جا ذه??ي ۽ تعليمي ف??ئدا آهن، تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شط??نج ذهني ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ ذه??ي صلاحيتون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. وفد صدر کي دنيا ۾ شطرنج جي فروغ ۾ عالمي شط??نج فيڊريشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ شط??نج بابت سرگرمين کي ف??وغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ۾ ماڻهن جو وڏو انگ شطرنج جي راند کي پسند ڪري ٿو. وفد چيو ته شط??نج کي اسڪولن ۾ پرائمري سطح تي ف??وغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شط??نج جا رانديگر شطرنج جي عالمي مقابلن ۾ آن لائين پڻ حصو وٺي سگهن ٿا. وفد ۾ عالمي شط??نج فيڊريشن جو صدر ۽ روس جو اڳوڻو نائب وزيراعظم آرڪا ڊي ڊورڪووچ، ايشين شط??نج فيڊريشن جو صدر ۽ گڏيل عرب امارات ۾ مرحوم صدر جو پٽ شيخ سلطان بن خليفه النهيان، عالمي شط??نج فيڊريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊانا ريزنيز اوزولا، برطانوي شطرنج جي گرينڊ ماسٽر ڊاڪٽر نائجل شارٽ، ايشين شط??نج فيڊريشن جو سيڪريٽري جنرل هشام الطاهر، پاڪستان شط??نج فيڊريشن جو سرپرست اعليٰ جوهر سليم، عالمي شط??نج فيڊريشن جا ميمبر، ايشين چيس فيڊريشن، پاڪستان شط??نج فيڊريشن، اسلام آباد اسڪريبل ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان اسڪريبل ايسوسيئيشن جا ميمبر شامل هئا.
ملڪ ۾ شطرنج جي مقبوليت لاءِ مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس