اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرحدي خلاف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ايران مان پنهنجي سفير کي به واپ?? گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات ايران پاران پاڪستان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ کليل خلاف ورزي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ??قصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جو ڪو جواز نه آهي. پاڪستان ان غيرقانوني قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رک?? ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسان انهن کي اهو به ٻُڌايو آهي ته پاڪستان ايران مان پنهنجي سفير کي واپ?? گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ?? پاڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران جي دوري تي آهي ان کي چيو ويو آهي ته هو في الحال واپس نه اچي. اسان انهن سمورن اعل??ٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ??چ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خلاف ورزي جي ??تيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ??يا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.
پاڪستان پاران سرحدي خلاف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو، ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔