اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سڄي مُلڪ ۾ چو??ڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا آهن، چو??ڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي واعدي ??وجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو ۽ سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چو??ڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن فراهم ڪيا آهن. نجي ٽي وي چينل ”نيوز ون“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريت ۾ گوڙ ۽ اختلاف راءِ هوندو آهي، مطالبو ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي، اهو حق ملڪ جو آئين ڏي ٿو، ان حق کي کسي نه ٿو سگهجي، شڪايت ڪرڻ اسان جي سياسي ??لچر جو حصو آهي، سياسي پارٽين کي دائري ۾ رهندي احتجاج جو حق حاصل آهي. هڪ ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ اهڙو ڪو خطرو نه آهي جو ملڪ جي اندر چو??ڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي، چو??ڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ ??وال جي جواب هن چيو ته چو??ڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي، اليڪشن ڪميشن پهرين ڏينهن کان پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري ادا ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي واعدي ??وجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چو??ڊ عمل جي لاءِ 54 ڏينهن جي فراهمي يقيني بڻائي. هڪ ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جا خراب ڏينهن تڏهن شروع ٿيندا جڏهن اسان پنهنجي مقرر وقت کان اڳتي وڃون، اسان آئين ۽ قانون تحت غيرجانبدار رهندي ??نهنجو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان اليڪشن ڪميشن جون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهيون، جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو هو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چو??ڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو پهريون ڏينهن هو، ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع به ٿيا، چو??ڊن جو عمل معمول موجب جاري آهي.
سڄي مُلڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن تي ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا آهن، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج