اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي خص??صي ماڻهن کي قومي ڌارا جي اقتصادي سرگرمين جو حصو بڻجڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خص??صي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي ته اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ وِد پرسنز وِد ڊِس ايبلٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي ته خص??صي ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. ثمينه عارف علوي چيو ته خص??صي ماڻهو ملڪ جي آبادي جو 10 کان 12 سيڪڙو آهن جڏهن ته ??نه?? جي معاشري ۽ عوامي سطح تي نمائندگي جي کوٽ آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته معذوري بابت منفي روين جي ڪري خاندانن پنهنجي اهڙن ماڻهن کي گهرن تائين محد??د رکيو ۽ ??نه?? جي ٻاهرئين سرگرمين کان پاسو ڪن ٿا. ان کانسواءِ عوامي عمارتن ۽ پارڪن ۾ ريمپس جهڙي بنيادي ڍانچي جي کوٽ پڻ معذور ماڻهن جي چرپر کي محدود ڪري ٿي. ثمينه عارف علوي معاشري ۾ ??نه?? جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مرڪزي ڌارا جي اسڪولن ۾ اهڙن شاگردن کي تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو. هن استادن جي تربيت ۽ معاشري کي حساس بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيڪڏهن خص??صي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن سميت وسيع موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ايوان صدر جي پليٽ فارم تان خص??صي ماڻهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع آگاهي مهم هلائ?? وئي آهي، ان مهم کي غيرسرڪاري تنظيمن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ميڊيا جي حمايت حاصل رهي آهي. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي کاتن بشمول بئنڪن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ويلفيئر فائونڊيشنز تي زور ڏنو ته اهي خص??صي ماڻهن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پاليسيون جو اختيار ڪن. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته حڪومت ۽ بئنڪون خص??صي ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??نه?? کي آسان قرض ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ اهڙن شاگردن کي وظيفن ۽ فيسز ۾ ڇوٽ ڏئي رهي آهي. ثمينه علوي سرڪاري نوڪرين ۾ خص??صي ماڻهن جي لاءِ مخصوص ڪوٽا کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ نجي شعبي تي به زور ڏنو ته اهي ان جي پيروي ڪن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اين او ڊبليو پي ڊي پي اهڙن ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر تي ٻڌل تربيت ڏئي رهيو آهي ۽ ??نه?? کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.
خصوصي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي: ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔