اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مالديپ پهچي ويو. ڊاڪٽر معيزو 30 سيپٽمبر 2023ع تي مالديپ جي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو. مالديپ اچڻ تي ??طلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو م??لديپ جي نامزد پرڏيهي وزير موسيٰ ضمير، پرڏيهي وزارت واري ايڊيشنل سيڪريٽري فرزانه ظاه??، مالديپ جي سينيئر عملدارن ۽ پاڪستان هاءِ ڪمشنر وائيس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني ويلانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ??اندار استقبال ڪيو. پاڪستان ۽ مالديپ ٻه مسلمان ڀائر ملڪ آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود ويجهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. پن??نجي دوري دوران اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير پن??نجي مصروفيتن کانسواءِ جمهوريه مالديپ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪندو.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ مالديپ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا