تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن تاشقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو، هو آذرب??ئي??ان جي صدر الهام علي??ف سان ملاقات، اي سي او جي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم آذرب??ئي??ان جي صدر الهام علي??ف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم اي سي او جي سورهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو، ان کانسواءِ نگران وزيراعظم اي سي او ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم جي اڄ ا??بڪ??تان جي تاريخي شهر ثمرقند روانگي پڻ متوقع آهي جتي هو حضرت امام بخاري جي مزار تي حاضري ڀريندو.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل