بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو ??هي ته ”بيلٽ ايينڊ روڊ“ تعاون منصوبابندي کي حقيقت ۾ بدلائيندي عال??ي تعاون ۾ وڏا ثمر حاصل ڪيا آهن. گذريل 10 سالن ۾ اقتصادي لنگهه جي تعمير جي سلسلي ۾ وڏن چئيلن??ز ۽ انفارميشن هائي ويز کي اهميت ڏيندي ريلوي، رستن، هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ پائيپ لائين نيٽ ورڪس جي ذريعي مختلف ملڪن جي وچ ۾ مصنوعات، سَرمائي، ٽيڪنالاجي ۽ عملي جي وڏي پئماني تي گردش کي فروغ ڏنو ويو ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ عال??ي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. شي جن پنگ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير، گڏيل ترقي ۽ فتح فتح تي ٻڌل تعاون کي فروغ ڏئي رهي آهي. اسان نظرياتي ڇڪتاڻ، جاگرافيائي سياسي گيمز، بلاڪ سياسي ڇڪتاڻ، هڪطرفي پابندين، معاشي ڏاڍ ۽ ”ڊي ڪپلنگ“ جو هرگز حصو نه آهيون. پنهنجي خطاب ۾ شي جن پنگ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي اعليٰ معيار جي گڏيل تعمير جي حمايت جي لاءِ چين جي 8 قدمن جو اعلان ڪيو. ان??ن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جي لاءِ ٽه رخي رابطا نيٽ ورڪ جي تعمير، کليل ذهن تي ٻڌل عالمي معيشت جوڙڻ جي حمايت، عملي تعاون، ماحول دوست ترقي، سائنسي ۽ فني جدت طرازي، مختلف ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن، بدعنواني کان پاڪ رستي ۽ ”بيلٽ ايينڊ روڊ“ عال??ي تعاون جي مڪينزم کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. شي جن پنگ چيو ??ه ڪورونا وائرس جي عالمي وبا پکڙجڻ کانپوءِ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ زندگي ۽ صحت جو رستو بڻجي ويو ??هي. چين مختلف ملڪن کي اربين ماسڪ ۽ ويڪسين جون 2 ارب 30 ڪروڙ خوراڪ فراهم ڪيون آهن ۽ 20 کان وڌيڪ ملڪن سان ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو ??هي، جنهن سان بيلٽ اينڊ روڊ سان واڳيل حصيدارن جي لاءِ وبا جي خلاف منفرد ڪردار ادا ڪيو ويو ??هي. چين ۾ وبا جي عروج تي ان کي 70 کان وڌيڪ ملڪن پاران قابل قدر مدد ملي. شي جن پنگ چيو ??ه اسان دل جي گهراين سان سمجهون ٿا ته رڳو گڏيل مفادن تي ٻڌل تعاون سان ئي اسان سٺا نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا. 10 سالا تاريخ ثابت ڪيو ??هي ته بيلٽ اينڊ روڊ جي گڏيل تعمير تاريخ جي صحيح چونڊ آهي ۽ زماني جي ترقي جي منطق جي عين موجب آهي.
بيلٽ ايينڊ روڊ تعاون منصوبابندي کي حقيقت ۾ بدلائيندي عالمي تعاون ۾ وڏا ثمر حاصل ڪيا آهن: چين جو صدر شي جن پنگ
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری