اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي ت??بيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ملاقات ڪئي. مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر جي آجيان ڪندي چي?? ته ٻنهي ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چي?? ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي ت??ربن مان فائدو کڻ?? سگهن ٿا. مدد علي سنڌي شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪندي چي?? ته خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي ت??بيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، هن چي?? ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. وفاقي وزير چي?? ته هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت نامي تي صحيح جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر چي?? ته ايٿوپيا جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، هن چي?? ته يونيورسٽي سان يونيورسٽي ت??ون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن چي?? ته پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ايٿوپيا جا ڊاڪٽر رضاڪاراڻي طور تي 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان کي مفت خدمتون فراهم ڪيون، ايٿوپيا جي سفير وفاقي وزير کي ايٿوپيا جو دورو ڪرڻ ۽ اتي طئي ٿيل ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي دعوت ڏني، مدد علي سنڌي چي?? ته هي ماڻهن کي نوڪريون ڳولڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو، وفاقي وزير سفر جو ٿورو مڃيو ۽ چي?? ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وزير چي?? ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل تار??خ آهي. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي.
تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز